ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت ٻوڏ سٽيل آبادگارن جي مڪمل مدد ڪري رهي آهي، ساڳي وقت امن امان جي بحالي ۽ خاص ماڻهن جي شموليت جي واڌاري لاءِ به پرعزم آهي. وڏي وزير اها ڳالهه ڪورنگي ۾ قائم ڪيل سينٽر آف ايڪسيلينس فار ڊس ايبليٽي انڪلوژن جي افتتاح موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هي مرڪز سنڌ حڪومت جي بحالي ۽ بااختياري معذوران کاتي پاران "ناو پاڪستان ڊس ايبليٽي پروگرام” جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ياد ڏياريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي پيماني تي ٻوڏ نقصانن کانپوءِ زرعي هنگامي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. هن وزيراعظم شهباز شريف پاران زرعي هنگامي ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ ۽ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي ٿورو مڃيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي آبادگارن لاءِ رليف پيڪيج تيار ڪيو آهي. اسان پنهنجن آبادگارن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. هن وفاقي حڪومت پاران گڏيل قومن کان امداد وٺڻ واري فيصلي جي به حمايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران فوري حفاظتي قدم کنيا ويا هئا. هن ٻڌايو ته خدا جو شڪر آهي جو گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي جيتوڻيڪ سکر بئراج تي اڃا به تيز وهڪرا آهن جيڪي جلد گهٽجڻ جي اميد آهي. ڪي ڪي بند، شينڪ بند ۽ ٽوڙي بند محفوظ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪوٽڙي بئراج کي ايندڙ ست کان ڏهه ڏينهن ۾ تيز وهڪرن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ ٽيمون اڳ ئي ڊائون اسٽريم ۾ مقرر ڪيون ويون آهن. هن اجتماعي ردعمل جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسان کي 0.8 کان 1.1 ملين ڪيوسيڪ پاڻي جي وهڪري جي اميد هئي پر الله جي فضل سان سڀ ڪجهه اڃا تائين ڪنٽرول ۾ آهي. ڪچي ۾ آپريشن ۽ مالي معاملن بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته ڏوهن جي مقابلي لاءِ پوليس آپريشن ٻوڏ کان ڪافي اڳ شروع ڪيو ويو هو. مالي معاملن بابت مراد شاهه وضاحت ڪئي ته قومي مالي ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 160 تحت قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ناڻي بابت وفاقي وزير ۽ سڀني صوبن جا ناڻي وارا وزير شامل آهن. هن چيو ته زرعي ٽيڪسن جو جائزو وٺڻو پوندو. اسان آبادگارن تان ٽيڪس مڪمل ختم نه ٿا ڪري سگهون پر اها پڪ ڪنداسين ته آمدني جا هدف پورا ٿين. وڏي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن زرعي هنگامي ايمرجنسي لاڳو نه ٿي ته ڊسمبر ۽ جنوري کانپوءِ ملڪ کي ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته گذريل سال آبادگارن کي مناسب اگهه نه ملڻ سبب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته بحران وڌيڪ شديد ٿيندو. سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي انتظامي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته جتي مختلف اختيارين جهڙوڪ ٽائون، صنعتي علائقن، ڇانوڻين، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي الڳ الڳ ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته انهي ورهاست جي باوجود ذميواري حڪومت جي آهي ۽ اسان شهر جا مسئلا حل ڪنداسين. مرڪز براءِ معذوري شموليت جو افتتاح وڏي وزير ڪورنگي ۾ معذور ماڻهن جي شموليت لاءِ ٺهيل مرڪز جو افتتاح ڪيو جيڪو "ناو پاڪستان ڊس ايبليٽي پروگرام” ۽ ڏيھي و پرڏيھي ڪمپنين جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير هن کي ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ جديد ترين مرڪز قرار ڏنو. هن چيو ته هي مرڪز خاص ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. هتي پيشوراڻي تربيت، معاشي خودمختياري ۽ باعزت روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. 34 هزار اسڪوائر فوٽ تي ٻڌل هي مرڪز ويل چيئر ٺاهڻ جو يونٽ، آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائل ٽريننگ ليبز، صنعتي سلائي روم، پيڪيجنگ ورڪشاپس، ڪلنري ۽ بييوٽيشن پروگرامن سان گڏوگڏ نيورو ڊائيورن ماڻهن لاءِ بحالي جون سهولتون به مهيا ڪندو. خاص ماڻهن لاءِ ڊرائيونگ لائسنس پنهنجي دوري دوران خاص ماڻهن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته جيڪي رڪشا هلائڻ جي تربيت يافته آهن انهن کي ڊرائيونگ لائسنس ڏنو وڃي. وڏي وزير موقع تي ئي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ڊرائيونگ لائسنس برانچ، يونس چانڊيو کي طلب ڪري هدايت ڪئي ته مرڪز ۾ پيشوراڻي ڊرائيونگ ٽيسٽ ورتا وڃن.