ڪو سمجهي ٿو ته مان ٽٽي پوندس ته اِها سندس ڀُل آهي:عمران خان

راولپنڊي(بيورو+م ڊ) اڊياله جيل ۾ توشه خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جو آرمي چيف کي  پيغام آهي ته ”جيڪو به سمجهي ٿو مان ٽُٽي پوندس، اها غلط فهمي آهي، يزيديت آڏو سر نه جهڪائيندس، غلامي ڪنهن صورت قبول نه ڪندس،عمران خان موجب:جنرل يحييٰ خان جيان اقتدار بچائڻ لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو پيو وڃي جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا ته فوجي ڪنڍي جو استعمال ڪري ڏهه سال ويهڻ ممڪن آهي ته پهريان اها ڏسو ته توهان انهي اقتدار کي ڊگهو رکڻ لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڇا نه ڪيو.عدليه کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 26هين ترميم آندي وئي، ميڊيا کي مڪمل دٻاءُ هيٺ رکيو ويو.قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جو ڳلو دٻايو ويو، معيشت تباهه ڪئي وئي، قرض ٻيڻو ٿي ويو.ملڪ جا حال بنگلاديش، سريلنڪا ۽ نيپال جهڙا ٿي رهيا آهن.عليمه خان چيو ته عمران خان پارٽي قيادت کي هدايت ڪئي آهي ته ”هاڻي اصل اپوزيشن ڪرڻي آهي، نه ته سياسي قبرون پاڻ کوٽجي وينديون.“ هن چيو ته باني پي ٽي آءِ چاهي ٿو ته 27 تاريخ واري جلسي ۾ پوري قوم ٻاهر نڪري.ان سان گڏوگڏ عليمه خان وڊيو لنڪ ٽرائل کي رد ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت عمران خان کي آئسوليٽ ڪرڻ ٿي چاهي، پر اهو ڪنهن به صورت قبول نه ٿيندو. هن چيو ته وڪيلن کي گڏجي 26هين ترميم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.