اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ امن ناهي:ڪاشف سعيد

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ حڪومت پاران ڌاڙيلن سان ڳالھين بدران آپريشن ڪرڻ واري فيصلي کي عوام سان مذاق ڪرڻ برابر قرار ڏيندي چيو آھي پ پ جي سرڪار سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي توڙي امن قائم ڪرڻ ۾ سنجيده نه آھي، بدامني توڙي ڌاڙيل راڄ خلاف سنڌ جو عوام ڪشمور کان ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد تائين احتجاجي مارچ ڪري چڪو آھي پر حڪمرانن جي مٿي تي جونءَ  به نٿي چري جيڪا نااھي ۽ بي حسي جي انتھا آھي، جاري بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي توڙي ڌاڙيل راڄ جي خاتمي جي نالي تي ھيل تائين اربين رپيا خرچ ڪرڻ به باوجود سنڌ واسي امن لاءِ ترسي رھيا آھن، وڏي وزير مراد علي شاهه کي حڪومتي پارٽي ۾ شامل بااثر سردارن توڙي صلاح ڪارن طرفان ڏوھارين کي ڇڏائڻ ۽ ڌاڙيلن کي خطرناڪ ھٿيار پھچائڻ جي ڇو خبر ڪونھي؟ شڪارپور جي پوليس عملدار جي ڏوھارين کي پ پ سان واسطو رکندڙ بنگلن جي پٺ ڀرائي حاصل ڪرڻ واري رپورٽ ڪاڏي گم ٿي وئي؟ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن ۽ ڏوھارين جو نيٽ ورڪ ٽوڙڻ لاءِ بي رحماڻو آپريشن ڪري عوام کي ڏوھارين مان نجات ۽ سنڌ جو امن بحال ڪيو وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.