غزا (م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ 90 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جن ۾ هڪ ماءُ ۽ سندس ٻار به شامل آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيترن هفتن کان جاري فضائي بمباري کانپوءِ اسرائيلي فوج غزا شهر ۾ زميني ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 90 بيگناهه فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته چين ۽ قطر غزا تي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي، چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسرائيل جا قدم عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، جڏهن ته قطر چيو آهي ته هي فلسطيني عوام خلاف نسل ڪشي واري جنگ جو تسلسل آهي، جرمني ۽ يورپي يونين به اسرائيل جي حملن جي مذمت ڪئي آهي، ساڳئي وقت ڪينيڊا به سخت ردعمل ڏنو آهي، ڪينيڊا جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جو زميني حملو خوفناڪ آهي، جيڪو غزا جي انساني بحران کي وڌيڪ ڳرو بڻائي ٿو، اسرائيل غزا شهر جي رهواسين جي نيڪالي لاءِ صلاح الدين اسٽرٽ ذريعي 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي رستو کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسرائيلي فوج موجب غزا شهر ۾ زميني آپريشن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي سگهن ٿا، امدادي تنظيمون عالمي برادري تي زور ڏئي رهيون آهن ته اهي اسرائيلي حملا روڪڻ لاءِ فوري ۽ سخت قدم کڻن.