اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي موسميات کاتي جي عملدارن کي غلط اڳڪٿين ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جواجلاس چيئرمين احمد عتيق انور جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪاميٽي جي ميمبرن موسميات کاتي کي غلط اڳڪٿين تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر مير منور علي چيو ته، موسميات کاتي جون اڪثر خبرون غلط نڪرن ٿيون، هڪ ڀيرو چار ڏينهن لاءِ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي، پر هڪ ڦڙو به نه پيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر شازيه مري چيو ته جنهن ڏينهن موسميات کاتو چوي ٿو ته برسات نه ٿيندي، ان ڏينهن پئي ٿي. اسين جڏهن برسات جو ٻڌي ڇَـٽيون کڻي ٻاهر نڪرون ٿا ته برسات ئي نٿي ٿئي. شازيه مري موسميات کاتي جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته کاتي جي بجيٽ ڪيتري آهي ۽ ملازمن جو انگ ڪيترو آهي؟” جنهن تي موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته، "ميٽ ڊپارٽمينٽ جي بجيٽ 4 ارب رُپيا آهي ۽ ملازم 2430 آهن.ڪميٽي چيئرمين احمد عتيق انور چيو ته، "ڪنهن ڏينهن موسميات کاتي جو دورو ڪريون ٿا ۽ سسٽم جو جائزو وٺنداسين، ڏسون ٿا ته موسميات کاتي جون اڳڪٿيون درست ڇو نه ٿين.”