ڪراچي ۾ معمولي مسئلي تي به سياست ڪئي وڃي ٿي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي شهر جي ميئر بئرسٽر مرتضيٰ وھاب نيشنل هاءِ وي تائين 1.6 ارب رپين جي لاڳت سان فلائي اوورمنصوبي جو سنگ بنياد رکيو. ھن موقعي تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، سٽي ڪائونسل ۾ ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، ٽائون ميمبر ۽ پارلياماني ليڊر ابراهيم حيدري ٽائون سردار اختر عارفاني، چيئرمين يوسي-3 ڪيٽل ڪالوني جاويد اقبال ڪاڪـو، رسول خان سواتي ۽ ٻيا چونڊيل نمائندا به موجود ھئا. ميئر ڪراچي تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته ھي فلائي اوور خالد بن وليد روڊ تي ريلوي لائين مٿان تعمير ڪيو ويندو جيڪو N-5 کي مهراڻ هاءِ وي سان ڳنڍيندو. ھي اھم ترقياتي منصوو ايندڙ 12 مھينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جنھن سان لکين شھري سفري سهولت حاصل ڪندا. برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ھڪ ميٽر ويڪر لائن پڻ وڌي ويندي ته جيئن برساتن دوران ماڻھن کي مشڪلات نه ٿئي. ھن چيو ته ڪجھ عنصر شھر ۾ ترقياتي منصوبن بابت منفي پروپيگنڊا ڪن ٿا. شاھراهه ڀٽو بابت پروپيگنڊا ڪئي وئي هن چيو ته  وفاقي حڪومت ڪي-فور منصوبي لاءِ گھربل فنڊ نه ڏنا آھن، ان ڪري منصوبو دير جو شڪار آھي. تازي برساتن ۾ نئين حب ڪينال جو 20 ميٽر حصو متاثر ٿيو، ته ڪجھ عنصر واويلا مچايو. ھن چيو ته پراڻي حب ڪينال ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندي. هن چيو ته مان ايم ڪيو ايم کان مطالبو ڪريان ٿو ته جيئن اسان وفاق کان فنڊ گھريون ٿا، اھي به ائين ئي عوام لاءِ مطالبو ڪن. ان طرح جماعت اسلامي کي به گھرجي ته وفاق کان فنڊ گھري ته جيئن ترقياتي منصوبا تيزي سان مڪمل ٿين. ھن چيو ته دنيا ۾ قدرتي آفتون اچن ٿيون ۽ ماڻھن کي مشڪلاتون ٿين ٿيون، پر ان تي سياست نٿي ڪئي وڃي. گجرات ۾ آفتون آيون ته اسان سياست نه ڪئي، پر ڪراچي ۾ معمولي مسئلي تي به سياست ڪئي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.