حڪومت سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  سنڌ کي جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيرا شاھي نظام کان آزاد ڪراڻو پوندو. ڪارپوريٽ فارمنگ يا پبلڪ پارٽنرشپ ڌاڙيل منصوبو آھي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ اندر ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھيون وينديون سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکيو ويندو. جيستائين سنڌ دشمن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو رد نه ڪيو ويندو ان وقت تائين جدوجھد جاري رھندي. اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيل ڪلچر، ميرٽ جي لتاڙ، بيروزگاري تباھ ڪري ڇڏيو آهي سنڌ جا خوشحال ماڻهو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته  سنڌ کي ھٿ وٺي غربت ۽ بدحالي جي کڏ ۾ اڇلايو ويو آھي. زرعي تباھي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري جنم ورتو آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کان مڪمل لاتعلق آھن. هن چيو ته  پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي ته  جنهن سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجن بنيادي حقن لاءِ سياسي مزاحمت پيدا نه ٿئي، جرئت نه  ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.