ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ڀرسان فائرنگ، نوجوان قتل

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ) ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ نورحسن سبزوئي واسي  نوجوان مھر دل سبزوئي قتل ٿي ويو،موٽرسائيڪل سوار هٿياربند واقعي بعد آساني سان فرار ٿي ويا.لاش واقعي واري هنڌ پيل هجڻ سبب شهرين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، رڪشا ذريعي لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال کڻائي آيا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪو ويو، پوليس اسپتال پهچي وارثن کان تفصيل ورتا ۽ واپس رواني ٿي وئي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي قاتل گرفتار ٿي سگهيا، پوليس جي بروقت ڪاروائي نه ٿيڻ ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سبزوئي برادري جي ماڻهن ڪنڌڪوٽ جي انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ روڊ بلاڪ ڪيو 2 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، حد جي پوليس پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پوليس پاران خاطري ڪرائي وئي ته مقتول جا قاتل گرفتار ڪيا ويندا ۽ وارثن موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، پوليس جي خاطري بعد روڊ کوليو ويو، پوليس ٻڌايو ته مقتول ڌر جو بھلڪاڻي برادري سان پراڻو ڪارنھن تڪرار ھلندڙ هو جوابدارن جي گهرن تائين پوليس پهتي آهي پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.