پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ سنگين انساني بحران آهي،عالمي برادري امداد فراهم ڪري:گڏيل قومون

اسلام آباد (بيورو)گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازي چوماسي برساتن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن،25لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن،تقريباً هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جن ۾ 250 ٻار به شامل آهن، صرف پنجاب ۾ ڀارت طرفان ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ 47 لک ماڻهو متاثر ٿيا،2.2ملين هيڪٽر زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت اداري  جي سربراهه ڪارلوس گيها پنهنجي رپورٽ ۾ موجوده صورتحال کي شديد انساني بحران قرار ڏيندي فوري عالمي امداد جي اپيل ڪئي،هن چيو ته پنجاب،خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ ايندڙ ٻوڏ مقامي آبادي کي مڪمل طور تي بي يارومددگار ڪري ڇڏيو آهي،جيڪو ڪجهه اسان ڏسي رهيا آهيون اها رڳو شروعات آهي،اصل تباهي ان کان گهڻي وڌيڪ آهي،هن چيو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ پورا پورا ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا،روڊ ۽ پليون تباهه ٿي ويون آهن،ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت ۾ رڳو سيپٽمبر ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي،هن چيو ته هي هي هاري آهن جيڪو پوري ملڪ جو پيٽ پالين ٿا،اڄ انهن وٽ نه زمين آهي نه ڍور نه ئي ڪو سهارو آهي،ڪارلوس گيها خبردار ڪيو ته متاثر علائقن ۾ مليريا، ڊينگي ۽ هيضو پکڙجڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي، جڏهن ته پاڻي، خوراڪ، دوائن ۽ عارضي رهائش جي شديد کوٽ آهي.گڏيل قومن 5 ملين ڊالر فوري امداد طور جاري ڪيا آهن ۽ 1.5 ملين ڊالر مقامي اين جي اوز کي ڏنا ويا آهن، پر ان جي باوجود ضرورت تمام گهڻي آهي،هن چيو ته اصل چئلينج ايندڙ مرحلو آهي جڏهن انهن متاثرن کي ٻيهر زندگي ڏانهن واپس آڻڻو پوندو،هن عالمي برادري کي ياد ڏياريو ته اها پاڪستان جي غلطي ناهي، پر اهي ملڪ جيڪي موسمياتي تبديلي جا ذميوار آهن، انهن کي به هن بحران جي ذميواري کڻڻي پوندي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.