وڏي وزير جي روشن جوڻيجو جي وارثن سان تعزيت

سانگھڙ ( ڊر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو جي لاڏاڻي تي ڳوٺ سنجر جوڻيجو ٽنڊو آدم پهچي سندس پٽ ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا  گهري. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير  چيو ته روشن الدين جوڻيجو اسان جا پراڻو ساٿي هو سندس اوچتي لاڏاڻي تي اسان سڀني کي صدمو  رسيو. روشن الدين جوڻيجو جو خال پُر ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، اسان کي اميد آهي ته مرحوم جو پٽ صلاح الدين پارٽي جي اميدن تي پورو لهندو. وڏي وزير سنڌ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته دريائي وهڪرن جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، گڊو بئراج تي پاڻي گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ سکر بئراج جي مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي، انشاءَ الله هڪ ٻن ڏينهن ۾ دريائي وهڪرو لنگهي ويندو.ان موقعي تي  صوبائي وزير امتياز شيخ، صوبائي وزير علي حسن زرداري، غياث الدين جوڻيجو، محمد خان جوڻيجو، مرتضى خان جوڻيجو، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد، ايس ايس پي عابد بلوچ سميت خاندان جا فرد ۽ پارٽي جا اڳواڻ ۽ ورڪر وڏي تعداد ۾ موجود هئا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.