اسلام آباد (بيورو) قائم مقام صدر سيد يوسف رضا گيلاني عالمي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان، خاص طور تي ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد فراهم ڪئي وڃي، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ بروقت قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهي، سينيٽر راڻا ثناءُ الله ايوان صدر ۾ قائم مقام صدر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، رانا ثناءُ الله سينيٽر جي حيثيت ۾ يوسف رضا گيلاني سان پهرين ملاقات ڪئي، پيپلز پارٽي جي سينٽرل سيڪريٽري جنرل همايون خان به صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کس پارٽي جي مجموعي صورتحال بابت بريفنگ ڏني.