اسلام آباد(بيورو) موسمياتي تبديليءَ بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ٻڌايو ته تازي ٻوڏ سبب ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن ۾ وڏي تعداد پنجاب ۽ سنڌ جي متاثر علائقن مان آهي.اجلاس چيئرپرسن شيري رحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي ٻڌايو ويو ته لکين ماڻهو اڃا تائين خيما بستن ۾ رهڻ تي مجبور آهن جتي پاڻي، بجلي ۽ صحت جهڙيون بنيادي سهولتون موجود ناهن.اين ڊي ايم اي جي سربراهه خبردار ڪيو ته ملڪ جا 50 کان وڌيڪ گليشيئرز تيزي سان ڳري رهيا آهن، کاتي جو ڪم صرف برسات جي اڳڪٿي ڪرڻ آهي، پر موثر ارلي وارننگ سسٽم جي کوٽ وڏي رڪاوٽ آهي.شيري رحمان چيو ته ابتدائي وارننگ سسٽم تي رڳو 15 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو، جڏهن ته گلاف II منصوبو جو 30 سيڪڙو بجيٽ انتظامي خرچن تي لڳايو ويو. شيري رحمان حڪومت تي زور ڏنو ته 2022ع جيان متاثر خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) ذريعي مالي امداد ڏني وڃي