پاڪستان آءِ ايم ايف ٽيم اچڻ کان اڳ 51 شرط پورا ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف وفد جي دوري کان اڳ حڪومت آءِ ايم ايف جون 51 شرطون پوريون ڪري ڇڏيون.  ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جي 51 شرطن مان گهڻيون پوريون ڪيون ويون آهن ۽ ڪجهھ تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته جيڪي شرطون پوريون نه ٿي سگهيون، تن لاءِ آءِ ايم ايف کان اڳواٽ اجازت ورتي وئي آهي. دستاويزن موجب، ڇهه ماهي بنيادن تي گئس ٽيرف ايڊجسٽمينٽ واري شرط تي عمل ٿي چڪو آهي، نئين ٽيڪس رعايت يا ڇوٽ نه ڏيڻ واري شرط به پوري ڪئي وئي آهي، آءِ ايم ايف جي اجازت سان کنڊ جي سرڪاري درآمد تي ٽيڪس رعايت ڏني وئي، بجيٽ 26-2025 آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پاس ڪيو ويو، جڏهن ته بجيٽ کان هٽي ڪري خرچن جي پارليامينٽ کان منظوري وٺڻ واري شرط به پوري ڪئي وئي آهي. دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ فسڪل پيڪٽ واري شرط تي عمل ڪيو ويو، ڊسڪوز ۽ جينڪوز کي خانگائن لاءِ پاليسي قدم تي ڪم جاري آهي، 2035 تائين خاص اقتصادي زونز تي رعايتون ختم ڪرڻ واري شرط تي عمل ٿيو آهي، سرڪاري ادارن ۾ حڪومتي عمل دخل گهٽائڻ واري شرط ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته زرعي آمدني تي ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ قانونسازي واري شرط تي به عمل ڪيو ويو آهي. دستاويزن موجب، اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪمپلائنس رسڪ مئنيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي، اعليٰ سرڪاري عملدارن جي اثاثن جي ڊڪليئريشن بابت قانونسازي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ريٽ ۾ 1.25 سيڪڙو ايوريج پريميئم تي به عمل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.