پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي دفاعي معاهدو، هڪ ملڪ خلاف اڳرائي ٻنهي خلاف حملو تصور ٿيندي

رياض (م ڊ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽريٽجڪ باهمي دفاعي معاهدو ٿي ويو، معاهدي موجب هڪ ملڪ خلاف جارحيت ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪئي ويندي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽريٽجڪ باهمي دفاعي معاهدي تي صحيحون ٿيون، جاري پڌرائي ۾ چيو  ويو آهي ته هي معاهدو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي سلامتي وڌائڻ ۽ علائقي سميت دنيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ گڏيل عزم کي ظاهر ڪري ٿو، ان جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌائڻ ۽ ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ گڏيل دفاع کي مضبوط ڪرڻ آهي، معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ ملڪ تي جارحيت ڪئي ويندي ته اها ٻنهي ملڪن تي جارحيت تصور ڪئي ويندي، گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي گڏيل تاريخي ڀائيواري اٺ ڏهاڪن تي پکڙيل آهي، ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ مفادن ۽ ويجهي دفاعي سهڪار جي پس منظر ۾ معاهدو ڪيو ويو، جيڪو ٻنهي جي سلامتي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو، وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان قصر يمامه ۾ ملاقات ڪئي، قصر يمامه پهچڻ تي وزيراعظم ۽ وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو، سعودي شاهي ديوان ۾ ولي عهد پاڻ وزيراعظم کي ڀليڪار چيو، وزيراعظم ۽ وفد کي سعودي پروٽوڪول موجب گهوڙ سوارن ۽ فوجي دستن سلامي ڏني، ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وفدن جو تعارف ڪرايو ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جا مختلف پهلوَ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آيا، شهباز شريف، ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي سرڪاري دوري تي رياض پهتو، جتي ڪنگ خالد ايئرپورٽ تي نائب گورنر محمد عبدالرحمٰن بن عبدالعزيز، سعودي ۽ پاڪستاني سفيرن ۽ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي، وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي به ڏني وئي، وزيراعظم سان گڏ فيلڊ مارشل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه آصف، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب،  سڌ سماءِ وارو وزير عطاالله تارڙ، وفاقي وزير ماحوليات مصدق ملڪ ۽ طارق فاطمي پڻ موجود هئا، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي اڳواڻن قطر تي اسرائيلي حملي جي هڪ ڀيرو ٻيهر مذمت ڪئي، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو ته وچ اوڀر جي امن جي لاءِ فلسطين مسئلي جو حل اڻٽر بڻجي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان هميشه فلسطين مسئلي تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي، پاڪستان فلسطين مسئلي تي سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهي.

رياض(م ڊ) سعودي ايئر فورس جي جنگي جهازن وزيراعظم شهباز شريف جي جهاز کي سعودي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي شاندار نموني سان ڀليڪار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب پهتو آهي. جڏهن وزيراعظم جو جهاز سعودي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو، تڏهن سعودي F-15 جنگي جهازن کيس حفاظت جي گهيري ۾ وٺي شاندار انداز ۾ ڀليڪار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سعودي جنگي جهازن کي سلام پيش ڪيو ۽ جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ وڃي مائڪ ذريعي شهزادو محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪيو. بچاءُ واري وزير خواجه آصف ٻڌايو ته سعودي ايئر فورس جا جهاز وزيراعظم شهباز شريف جي جهاز کي سعودي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي حفاظتي گهيري ۾ وٺي آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.