افغانستان جي ٽن صوبن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل

ڪابل (م ڊ) افغانستان جي ٽن صوبن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي، ذريعن تصديق ڪئي ته افغانستان جي صوبي بلخ ۽ ڏکڻ وارن صوبن قنڌار ۽ هلمند ۾ فائبر آپٽڪ انٽرنيٽ سروسز تي پابندي لڳائي وئي، بلخ ۾ طالبان جي سرڪاري عملدارن پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته هنن پنهنجي اڳواڻ مولوي هيبت الله آخوندزاده جي حڪم تي صوبي ۾ فائبر آپٽڪ ڪيبلز ذريعي انٽرنيٽ تائين رسائي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، بلخ جي گورنر جي ترجمان حاجي زيد چيو ته هاڻ کان  ان ڪيبل (فائبر آپٽڪ نيٽ ورڪ) ذريعي انٽرنيٽ تائين رسائي ختم ڪئي وئي آهي ۽ ان کي  ختم ڪيو ويو آهي، هُن اهو به چيو ته هي قدم ”برائي کي روڪڻ“ لاءِ کنيو ويو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ملڪ اندر هڪ متبادل متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته حاجي زيد واضح نه ڪيو ته ”برائي کي روڪڻ“ مان سندن مراد ڇا آهي، پر انٽرنيٽ تائين رسائي جو مطلب آهي ته تقريبن هر اهڙي شيءِ جيڪا آن لائين موجود آهي، ان کي ڏٺو ۽ پڙهيو وڃي ٿو، سوشل ميڊيا تي افغانستان ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ ۽ ان کي برائي کي روڪڻ بابت تنقيد ڪئي پئي وڃي ته برائي مان ڇا مراد آهي، سوشل ميڊيا تي ان سلسلي ۾ سوال اٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.