سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي 21لک گهر ٺاهي ڏيڻ جي دعويٰ ڪوڙي آهي:جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي21 لک گهر ٺاهي ڏيڻ واري دعوى کي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ سميت سڄو پاڪستان هن وقت برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي ڪري ناھي ٻڏل پرحڪمران طبقي جي نااهليءَ ۽ نالائقي سبب ٻڏل آهي، جنهن کان نجات حاصل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. قوم جي رت ۽ پگهر جي پئسن مان گڏ ڪيل اربين رپيا خرچ ڪندي ملير ندي تي قبضي سان ٺاهيل ”شاهراهِ ڀٽو“ جو ڪجههُ حصو ۽ ”نيو حب ڪينال“ جو مينهن جي پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ جو حساب به قبضا ميئر ۽ سنڌ حڪومت کي ڏيڻو پوندو. جماعت اسلامي دين جي غلبي معاشري جي اصلاح، نيڪي جي فروغ ۽ برائي ۽ بي حيائي جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. الخدمت جي ٽيم سنڌ ۾ ٻوڏ واري امڪاني صورتحال جي پيش نظر الرٽ رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي مهمات ڪميٽي جي اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو.هن چيو ته  ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن  ۾ مينهن جي پاڻي جو نيڪال نه ڪيو  ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ رڳو ڦُرلُٽ واري “سسٽم” کي مضبوط ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ 18 سالن کان موجود سندس حڪومت ۾ ڪرپشن ۾ ئي اضافو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.