اسلام آباد/دوحا (حامد مير) دوحا ۾ اسلامي ملڪن جو سربراهي اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم اڳواڻن تقريرون ڪيون. ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو، پاڪستان طرفان فلسطينين جي قتل عام بند ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ٻئي پاسي اسرائيل طرفان دوحا اجلاس ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ کي غزا ۾ ٽينڪن هيٺان چيڀاٽيو ويو. او آءِ سي ميمبر ملڪن کي اهو پيغام ڏنو ويو ته اسان کي اوهان جي ان ٺهراءَ جي ڪا پرواهه ناهي. اسرائيلي ٽينڪون غزا جي مرڪز ۾ آهن ۽ فلسطينين کي زبردستي ڪڍيو پيو وڃي ۽ قتل ڪيو پيو وڃي. حامد مير جي پروگرام ۾ سوالن جا جواب ڏيندي پاڪ چائنا انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين مشاهد حسين سيد چيو ته اسرائيل قطر تي حملو ڪري ريڊ لائن ڪراس ڪري ورتي هئي، اهو هڪ نادر موقعو هو، هي ٺهراءُ شرمناڪ آهي، مونکي ڏک ٿيو، رڳو لفظي مذمت ڪئي وئي. يعنيٰ مسلمان ملڪن ۾ دم ناهي، اهي ڊنل آهن. اسرائيل پاران ٻين ملڪن تي به حملن جو امڪان آهي. مسلمان دنيا وٽ پيسو به آهي، سڀ ڪجهه آهي رڳو دم ناهي. اڳوڻي سفير ڊاڪٽر مليحا لوڌي چيو ته مسلمان دنيا وٽ وڏي طاقت آهي پر اجلاس ۾ ڪو کڙتيل نه نڪتو. ڪجهه هاڪاري شيون اهي آهن ته مسلمان دنيا ۾ ٻڌي آهي. ان جو واضح پيغام آمريڪا کي به ويو ۽ اسرائيل کي به ويو ته اهڙو رويو قبول ناهي. منظور ڪيل ٺهراءُ ۾ ڪا اهڙي شئي ناهي جنهن مان مسلمان ملڪن جي طاقت ظاهر ٿئي. مسلمان ملڪن ڪو جوڳو قدم ناهي کنيو.