عمر قيد جي سزا ٻڌايل حوت جانوري سپريم ڪورٽ مان بري

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ مان سنڌ سان لاڳاپيل هڪ ڪيس جو فيصلو اچي ويو آهي جنهن ۾ حوت جانوري کي باعزت بري ڪيو ويو. هي ڪيس جيل پٽيشن نمبر 70/2020 هو، جيڪو ٻن سالن جي دير بعد عمر قيد ۽ ڪجهه جوابدارن کي موت جي ڏنل سزا خلاف داخل ڪيو ويو هو. هن ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻنهي سزا برقرار رکي هئي، جتي 11 کان وڌيڪ وڪيلن پنهنجا دليل پيش ڪيا پر اپيل رد ٿي. آخرڪار حوت جانوري جي ڀاءُ سماجي ڪارڪن جمال جانوري، ڪيس ايڊووڪيٽ سجاد گوپانگ حوالي ڪيو، جنهن سپريم ڪورٽ جي بينچ نمبر 4 ۾ جسٽس اطهر من الله، جسٽس شهزاد ۽ ٽئين جج اڳيان هڪ ڪلاڪ تائين دليل ڏنا. وڪيل چيو ته اپيل يا ته رد ڪئي وڃي يا منظور، ڇو ته دير انصاف ۾ رنڊڪ آهي. ثبوتن ۽ شاهدن جي بنياد تي سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ٻڌائيندي حوت جانوري کي بري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.