ملتان (م ڊ) موٽر وي ايم فائيو ٻوڏ جي وهڪرن سبب 5 هنڌن تي متاثر، نجي ٽي وي رپورٽن موجب موٽر وي ايم فائيو کي ملتان کان جهانگڙه انٽر چينج تائين بند ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سي پي او ملتان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم فائيو کي ملتان کان جهانگڙه انٽر چينج تائين بند ڪيو ويو آهي، موٽر وي متاثر ٿي آهي، سي پي او موجب ايم 5 تي ويندڙ ٽريفڪ جي لاءِ متبال پلان تي عمل ڪيو پيو وڃي، ٻئي پاسي ترجمان موجب وي موجب ٻوڏ سبب جلالپور پير والا جي ويجهو موٽر وي جون ٻه لائنون متاثر ٿيون آهن، ٻنهي متاثر ٿيل لائنن جي بحالي جي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، پاڻي تيز هجڻ ڪري بحالي واري ڪم ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، پاڻي گهٽ ٿيڻ بعد ڪم جي رفتار تيز ڪري سگهجي ٿي، سي پي او موجب ايم 5 تي ويندڙ ٽريفڪ جي لاءِ متبال پلان تي عمل ڪيو پيو وڃي.