وزيراعظم جي قطري امير سان ملاقات، ”اسرائيلي جارحيت روڪڻي پوندي“ شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ۾ اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات عرب اسلامي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي، جتي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير پڻ موجود هئا.
پڌرائيءَ موجب، وزيراعظم شهباز شريف 9 سيپٽمبر تي دوحا ۾ ٿيل اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي قطر جي خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
وزيراعظم قطر طرفان اجلاس سڏائڻ جي فيصلي کي ساراهيو، جڏهن ته قطري امير وزيراعظم شهباز شريف جي سمٽ ۾ شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا.
وزيراعظم هائوس موجب، ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڏکئي وقت ۾ قطر سان گڏ بيٺو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر۾ اسرائيلي جارحيت ترت روڪڻي پوندي، اڄ مسلم دنيا جي اتحاد جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي.

ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.