اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءَ واري وفاقي عطا تارڙ چيو آهي ته ڀارتي رانديگرن طرفان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هٿ نه ملائڻ جو مقصد جنگ ۾ ناڪامي لڪائڻ آهي.
اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته ڀارت جنگ هارائي ويو ۽ ان جا 6 جهاز تباهه ٿي ويا، هاڻي ڀارتي ٽيم طرفان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هٿ نه ملائڻ جو مقصد جنگ جي ناڪامي لڪائڻ آهي.
سڌ سماءَ واري وزير چيو ته فوجي ميدان ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت هاڻي راند جي ميدان ۾ ڪِريل حرڪتون ڪري رهيو آهي، اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار قومون ئي راندين کي سياسي آڻينديون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ميچ ريفري کي رڳو ريفري جي حيثيت ۾ عمل ڪرڻ گهرجي ها، ڪهڙيون به حالتون هجن، اسپورٽس مين اسپرٽ زنده رهڻ گهرجي.
You might also like