اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي اي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (رٽائرڊ) حفيظ الرحمان کي عهدي حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پي ٽي اي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي فيصلو جاري ڪيو.
عدالت ان حوالي سان 99 صفحن تي ٻڌل محفوظ فيصلو جاري ڪندي پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (رٽائرڊ) حفيظ الرحمان کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو.
جسٽس بابر ستار فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري قانوني طور درست نه آهي، کيس فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي.
عدالتي حڪم ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي اي ۾ سينيئر ميمبر کي عارضي طور چيئرمين مقرر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.