اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جسٽس طارق محمود جهانگيريءَ کي ڪم کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي جج طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل ڊويزن بئنچ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي ڪيسن جي ٻڌڻيءَ کان روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ڊويزن بئنچ ميان دائود جي درخواست تي اڄوڪي ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالت، سينيئر قانوندان بئريسٽر ظفر الله خان ۽ اشتر علي اوصاف کي عدالتي مددگار مقرر ڪيو، جڏهن ته اٽارني جنرل کان درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت مدد گهري وئي.
ٻئي پاسي ان فيصلي کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو نئون ڊيوٽي روسٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت جسٽس طارق محمود جهانگيري کي سنگل بئنچ ۽ ڊويزن بئنچ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻيءَ کان روڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، 17 سيپٽمبر کان 19 سيپٽمبر لاءِ ججن جو نئون ڊيوٽي روسٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس طارق محمود جهانگيري جو نالو شامل ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.