يروشلم(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته دنيا ۾ جنهن وٽ به موبائيل فون آهي، ان جي هٿ ۾ بنيادي طور تي اسرائيل جو هڪ ٽڪرو آهي.
آمريڪي ڪانگريس جي وفد سان ملاقات دوران نيتن ياهو چيو ته جيڪو به موبائيل فون جو مالڪ آهي، اهو بنيادي طور تي پنهنجن هٿن ۾ اسرائيل جو هڪ ٽڪرو کنيو ويٺو آهي.
ان دوران نيتن ياهو اسرائيل جي دوائن، هٿيارن ۽ فون ٺاهڻ جي صلاحيت جي واکاڻ ڪئي.
غزا ۾ فوجي ڪارروائين ۽ ملڪ خلاف هٿيارن جي ترسيل تي پابندين ۽ وڌندڙ عالمي تنقيد جي حوالي سان اسرائيلي وزيراعظم چيو ته “ڪجهه ملڪن هٿياردن جا جزا پهچائڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، ماڻهو چون ٿا هاڻي اسرائيل جو ڇا ٿيندو، پر ڇا اسان هن صورتحال تي ظابطو آڻي سگھون ٿا؟ ها، اسان ان تي ظابطو آڻڻ جي صلاحيت رکون ٿا ڇو ته اسان هٿيار ٺاهڻ ۾ بهترين آهيون.“
نيتن ياهو شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ت ڇا توهان وٽ موبائيل فونز آهن؟ جيڪڏهن ها ته ان جو مطلب آهي اوهان پنهنجي هٿ ۾ اسرائيل جو هڪ ٽڪرو کنيون ويٺا آهيو. ڇا توهان ٽماٽا کائيندا آهيو؟ اِهي ڪٿي ايندا آهن؟ اهي به اسرائيل مان ايندا آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته جيئن انٽيليجنس جو معاملو آهي، جيڪا اسان آمريڪا سان شيئر ڪندا آهيون، توهان جي انٽيليجنس جي ڄاڻ جو هڪ وڏو حصو اسرائيل مان اچي ٿو ۽ اسان جي هٿيارن جي نظام کي به آمريڪا سان شيئر ڪيو ويندو آهي.