ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ سون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 4700 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 91 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 4 هزار 30 رپيا واڌ بعد 3 لک 35 هزار 219 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 49 ڊالر اضافي سان 3692 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like