”ڀارتي ٽيم راند جي روح کي ڇيهو رسايو، هٿ نه ملائڻ سراسر منافقت آهي“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڪرڪيٽ براڊڪاسٽر اشيش راءِ چيو آهي ته اِها سراسر منافقت آهي ته توهان ميچ کيڏو پر مخالف ٽيم سان هٿ نه ملايو.
هڪ بيان ۾ براڊڪاسٽر اشيش راءِ چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ ڪرڪيٽ جي جذبي تحت نه کيڏي وئي، بلڪل جيئن نسلي تعصب جي دور ۾ اڇي چمڙيءَ واريون ٽيمون ڏکڻ آفريقا خلاف نه کيڏنديون هيون.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪا ٽيم ڪنهن مقابلي ۾ شرڪت ڪري ٿي ته راند جي روح موجب رويو رکڻ گهرجي، افسوس آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ اختيارين حڪومت جي حڪم تي غيراخلاقي رويو اختيار ڪرڻ لاءِ چيو.
ڪرڪيٽ براڊڪاسٽر جو چوڻ هو ته اِها سراسر منافقت آهي ته توهان ميچ کيڏو پر مخالف ٽيم سان هٿ نه ملايو، انگلينڊ ۽ آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊز، ايم سي سي کان درخواست آهي ته ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڇڪتاڻ روڪين.
تڪرار ڇا هو؟
واضح رهي ته آچر تي ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ميچ ڀارت 7 وڪيٽن تان کٽ، پر ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ٽاس جي موقعي تي پاڪستان جي ڪپتان سان هٿ نه ملايو، جڏهن ته ڀارتي ٽيم ميچ ختم ٿيڻ بعد پاڪستاني رانديگرن سان روايت مطابق هٿ نه ملايو ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀرپور لتاڙ ڪئي.
پاڪ-ڀارت ميچ دوران ٽاس وقت ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ پاڪستان جي ڪپتان سلمان آغا کي چيو هو ته ٽاس وقت مخالف ٽيم جي ڪپتان( سوريا ڪمار يادو) سان هٿ ناهي ملائڻو، جڏهن ته ميچ ريفري ان کان اڳ پاڪستاني ميڊيا مئنيجر کي چيو هو ته اِهو سڀ رڪارڊ نه ٿيڻ گهرجي.
پاڪستان ڀارت خلاف ميچ ۾ اختيار ڪيل رويي تي سخت ايڪشن کڻندي فيصلي ڪيو آهي ته جيڪڏهن ريفري تبديل نه ڪيو ويو ته ايشيا ڪپ جون باقي ميچون نه کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.