ممبئي (ويب ڊيسڪ) آچر 14 سيپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ايشيا ڪپ 2025ع ۾ پاڪ-ڀارت دوران ڀارتي ٽيم اسپورٽس مين اسپرٽ کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو.
پاڪستان خلاف ميچ ۾ ڀارت کي 7 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي، پر ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ٽاس وقت پاڪستان جي ڪپتان سان هٿ نه ملايو، جڏهن ته ميچ ختم ٿيڻ بعد ڀارتي ٽيم روايت موجب پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملايو ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀرپور لتاڙ ڪئي.
ان کان اڳ ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي اسٽيڊيم ۾ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان هٿ ملايو هو، جنهن تي ڀارت ۾ کيس ڇتي تنقيد ۽ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو.
هاڻ ان تڪرار تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي سينيئر عهديدار بيان جاري ڪندي چيو ته اهڙو ڪو به قانون ناهي، جيڪو رانديگرن کي زبردستي مخالف ٽيم سان هٿ ملائڻ تي مجبور ڪري.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن توها راند جي قانونن جي حساب سان ڏسجي ته ان ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي ته مخالف ٽيم سان هٿ ملائڻ ضروري آهي.
بي سي سي آءِ عهديدار جو چوڻ هو ته اِهو هڪ خيرسگالي جو جذبو ۽ هڪڙي قسم جي روايت آهي، قانون نه، جنهن تي سڄي دنيا ۾ راندين جي ميدان ۾ عمل ڪيو ويندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهڙو ڪو به قانون آهي ئي نه، ته ڀارتي ٽيم ڪنهن اهڙي مخالف ٽيم سان هٿ ملائڻ جي پابند ناهي، جنهن سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا رهيا هجن.