دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڄ رٿيل پريس ڪانفرنس رد ڪئي وئي آهي.
ٽيم ذريعن موجب، پاڪستاني ٽيم کي اڄ شام ساڍي 7 وڳي پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي ، جيڪا رد ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رات نائينوڳي پاڪستاني ٽيم جي پريڪٽس شيڊيول موجب ٿيندي، صورتحال تبديل ٿي ته پريڪٽس به رد ڪري سگهجي ٿي.
ايشيا ڪپ ۾ صورتحال اختيار ڪري ويل پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جي ميچ سڀاڻي ٿيندي.
واضح رهي ته آءِ سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ايشيا ڪپ مان ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي هٽائڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، آءِ سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ميچ ريفري وارو مطالبو رد ڪرڻ بابت باظابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ پي سي بي طرفان مستقبل جي حڪمت عملي حڪومت سان صلاح مشوري جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي اهم سرڪاري عهديدارن سان اڄ صلاح مشوري جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪ-ڀارت ميچ جي ريفري کي هٽائڻ واري مطالبن بابت آءِ سي سي جي فيصلي تي جلد پنهنجو موقف ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ بابت پي سي بي جلد فيصلو ڪندو ۽ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر بورڊ ايشيا ڪپ بابت پنهنجو موقف پيش ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جو مطالبو نه مڃيو ويو ته ٽيم ايشيا ڪپ تان هٿ کڻي ويندي.
ان کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي هئي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪ-ڀارت ميچ جي ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي هٽائڻ واري پاڪستان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي ويب سائيٽ موجب، آءِ سي سي گذريل رات پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ان بابت ٻڌائي ڇڏيو هو.
ياد رهي ته ٽاس جي موقعي تي ۽ ميچ کٽڻ کانپوءِ ڀارتي ڪپتان ۽ رانديگرن طرفان پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان هٿ نه ملائڻ واري معاملي ۾ آءِ سي سي ميچ ريفري پاءِ ڪرافٽ کي ايشيا ڪپ مان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو.