گريٽر اسرائيل عالمي امن لاءِ خطرو آهي،فلسطيني مسئلي جو حل ضروري آهي\قطري امير

دوحا(م ڊ)  دوحا ۾ هنگامي عرب، اسلامي سربراهي اجلاس جي گڏيل پڌرنامي ۾ اسلامي ملڪن چيو آهي ته قطر تي اسرائيلي حملو علائقي ۾ امن جي ڪوششن لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، ۽ ان بزدلاڻي ۽ غيرقانوني حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وڃي ٿي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته قطر خلاف اسرائيل جي وحشياڻي اڳرائي علائقي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائي رهي آهي، اڻ ڌرئي ٽياڪڙ تي حملو امن ڪوششن لاءِ خطرو آهي، قطر تي وڌيڪ حملن جي اسرائيلي ڌمڪين کي رد ڪيو وڃي ٿو. قطر جي مهذب ۽ دانشمنداڻي موقف جي واکاڻ ڪئي وئي، گڏوگڏ غزه ۾ جاري جارحيت کي روڪڻ لاءِ قطر، مصر ۽ آمريڪا جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي حمايت پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اسلامي ملڪن جي اڳواڻن چيو ته اسرائيل سڀئي حدون اورانگهي چڪو آهي، اقوام متحده جي منشور ۽ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ گهرجي، ۽ وچ اوڀر ۾ امن لاءِ فلسطيني مسئلي جو حل ضروري آهي، صهيوني جارحيت کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني چيو ته اسرائيل انسانيت خلاف ڏوهن ۾ سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن، وچ اوڀر ۾ امن لاءِ فلسطيني مسئلي جو حل ضروري آهي. دوحا ۾ اجلاس دوران امير قطر چيو ته اسلامي ملڪن جي اڳواڻن جو دوحا اچڻ خوشيءَ جو باعث آهي۔ حماس جي ڳالهين ڪندڙن تي اسرائيلي حملي جي تناظر ۾ هن چيو ته اسرائيل قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جڏهن ته قطر ثالث طور امن لاءِ مخلصانه ڪوششون ڪيون۔شيخ تميم چيو ته اسرائيل ڳالهين جي عمل کي ڦٽائي حماس جي قيادت کي نشانو بڻايو، ۽ خطي جي ملڪن جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪا مذمت جوڳو عمل آهي۔ هن چيو ته فلسطيني قوم اسرائيلي هٿان نسل ڪشي جو شڪار آهي، اسرائيل انسانيت خلاف ڏوهن جي سڀني حدن کي پار ڪري چڪو آهي۔امير قطر چيو ته يرغمالين جي پرامن آزادي بابت اسرائيلي دعوائون ڪوڙيون آهن، ”گريٽر اسرائيل“ جي ايجنڊا عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آهي۔ صهيوني حڪومت انسانيت خلاف ڏوهن جي مرتڪب ٿي آهي، اسرائيل طرفان بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو معاملو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل جي جارحاڻي ۽ توسيع پسندانه پاليسين سبب امن کي خطرا لاحق آهن، ۽ وچ اوڀر ۾ امن لاءِ فلسطيني مسئلي جو حل لازمي آهي. عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان اهڙي وقت گڏ ٿيا آهيون، جڏهن خطي کي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔ هن چيو ته اسرائيل جي دهشتگردي صورتحال کي ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي خلاف آواز اٿارڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. عراق جي وزيراعظم محمد شيعا السودانياجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي جارحيت خطي جي مسئلن کي انتهائي ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، اسرائيل جي بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي تي عالمي برادري جي خاموشي حيرت جوڳو آهي، عالمي برادري کي پنهنجي ٻٽي  پاليسي ڇڏي ڇڏڻي  پوندي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو ته اسرائيل جي جارحيت تي هاڻ خاموش نه رهي سگهجي ٿو، اسرائيل سڀئي حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، ۽ ان کي اقوام متحده جي منشور ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي تي جوابده بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته فلسطين ۾ انسانيت تڪليف ۾ آهي، ۽ اسرائيل کي انسانيت خلاف ڏوهن تي ڪا به ڇوٽ نه ڏني وڃي۔ اسرائيل ڄاڻي واڻي خطي جو امن تباه ڪرڻ چاهي ٿو، جبر ۽ ظلمن سان امن قائم نٿو ٿي سگهي. فلسطين جي صدر محمود عباس چيو ته فلسطيني عوام جي نسل ڪشي کي روڪڻ ۽ تڪڙي امداد پهچائڻ انتهائي ضروري آهي۔ 1967 جي سرحدن مطابق فلسطيني رياست جو قيام ئي امن جو رستو آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته  اسرائيل جا توسيع پسندانه ارادا وچ اوڀر ۽ عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آهن، ۽ اسرائيل سمجهي ٿو ته ان کي ڪو به پڇڻ وارو ناهي.

دوحا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل ٽياڪڙ هجڻ باوجود قطر تي حملو ڪري خود مختاري جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچايو. دوحا ۾ عرب اسلامي هنگامي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان دوحا تي حملي جي کليل مذمت ڪري ٿو، اهو حملو وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪيو ويو، اسان قطر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا.هن چيو ته اسرائيل جو دوحا تي حملو جارحاڻي قدمن جو تسلسل آهي ۽ عالمي قانون جا ائين بخيا اڊيڙڻ مذمت جوڳو آهي، اڄ اسرائيلي غزا ۾ انسانيت خلاف ڏوهه ڪري رهيو آهي، غزا ۾ هنگامي بنيادن تي امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته غزا ۾ جاري ظلم هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، غزا ۾ فوري طور جنگبندي ڪرائي وڃي، اسرائيل کي انسانيت خلاف جنگي ڏوهن تي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي، ڏاڍ روڪڻ لاءِ عرب ٽاسڪ فورس جوڙي وڃي ۽ اسرائيل خلاف فوري طور قدم کنيا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان اتحاد نه ڪيو ته اسرائيل اهڙيون ڪارروائيون ڪندو رهندو، چپ رهڻ بدران اسان کي متحد ٿيڻو پوندو، فلسطين هڪ ڌار رياست هجڻ گهرجي، جنهن جو تخت گاهه القدس هجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.