پشاور(م ڊ)خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور دعويٰ ڪئي آهي ته سندن احتجاج جي نتيجي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي مدي ۾ واڌ (ايڪسٽينشن) نه ملي. 4 آڪٽوبر تي ٿيل احتجاج سان اهو ٽارگيٽ حاصل ڪيو ويو، جيڪو عمران خان ڏنو هو. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪابينا جو اجلاس هتي نٿا ڪرايون، اهڙي طرح اجلاس نٿا ٿين، پنجاب حڪومت وٽ ڪجهه به ناهي، هو رڳو رستو روڪي سگهن ٿا. هن چيو ته * "ملاقات جي اجازت نٿا ڏين، 4-5 ڪلاڪ ويهاري ڇڏين ٿا. هتي ويهڻ بدران مان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهيو هئس. هن چيو ته ن ليگ کي شرم اچڻ گهرجي، شهيدن جي جنازن تي به سياست ڪن ٿا. ملڪ ۾ جمهوريت ئي ناهي، اسيمبليون جعلي آهن. ٻوڏ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي علائقن ۾ ٻوڏ جي شدت مختلف هئي، جبل ۽ مٽي وهي آئي، وسنديون ۽ وڻ ٻڏي ويا. 400 کان وڌيڪ موت ٿيون، رياستي امداد اڻپوري رهي، وفاقي حڪومت پنهنجا واعدا پورا نه ڪيا. پارٽي جي اندروني اختلافن بابت چيوته مون کي ان ڪري ملڻ نه پيا ڏين ته پارٽي ورهائجي، گروپ بندي وڌي. حڪومت ته شهباز شريف يا مريم جي آهي ئي نه. اسان کي ڪمزور ڪري گروپن ۾ ورهايو پيو وڃي. هن چيو ته بنا تحقيق جي الزام لڳائڻ اسان جي اخلاقن جي ڪريل حالت ڏيکاري ٿو. وي لاگ، جعلي اڪائونٽ، ۽ ٽُڪ ٽُڪ سان انقلاب نٿو اچي، آزاديءَ جي جنگ اهڙي نه وڙهي ويندي.