تڪراري ٽوئيٽ ڪيس، ايمان مزاري ۽ سندس مڙس اسلام آباد عدالت طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد، ايڊووڪيٽ ايمان مزاري ۽ هن جي مڙس هادي علي خلاف تڪراري ٽوئٽ ڪيس ۾ ٻنهي کي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. تفصيل مطابق، ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو، جتي جوڊيشل مجسٽريٽ عباس شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. عدالت طرفان ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون مهيا ڪيون وينديون۔ ٽرائل ڪورٽ ۾ ايندڙ ٻڌڻي 17 سيپٽمبر تي ٿيندي. ان کان اڳ، ايڊشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي سوشل ميڊيا تي مبينا رياست مخالف سرگرمين جي الزام هيٺ داخل ڪيل ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي. ايڊشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي ٻنهي جي گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم ڏنو هو۔ايف آءِ آر مطابق، ايمان مزاري ۽ هن جي مڙس تي الزام آهي ته هو سوشل ميڊيا پوسٽن ذريعي لساني بنيادن تي ورهاست کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو ته هنن خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي ذميواري سيڪيورٽي فورسز تي وڌي.اهو ڪيس اليڪٽرانڪ ڪرائمز جي روڪٿام واري ايڪٽ (پيڪا) جي شقن 9، 10، 11 ۽ 26 تحت داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.