ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي ٻن يونيورسٽين لاءِ مستقل وائيس چانسلرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر نازلي حسين ۽ لاڙڪاڻو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ کي چار سالن لاءِ وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن سيڪريٽري بورڊز ۽ يونيورسٽيز عباس بلوچ جاري ڪيو. ٻئي مقرريون وڏي وزير جي منظوري سان ٿيون آهن. ڊاڪٽر نازلي حسين ۽ ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ عهدو سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.