لاهور (امداد سومرو) صدر آصف علي زرداري چين جي ايويئيشن انڊسٽريز ڪارپوريشن جي ايئر ڪرافٽ ڪامپليڪس جو دورو ڪيو. اهڙي صدر آصف علي زرداري دنيا جو پهريون ملڪ جو سربراهه آهي جنهن کي ان انڊسٽري جو دورو ڪيو ويو. چين کيس دورو ڪرايو ته جن جي 10 سي جهازن ڀارت جي رافيل جهازن کي ڪيرايو هو اهي هتي ٺاهيا ويندا آهن. دنيا جو ڪو ملڪ ڪنهن ملڪ جي سربراهه کي اهڙو اعزاز شايد ناهي ڏيندو. ٻوڏ پهرين خبر هجڻ گهرجي ۽ صدر جي دوري بابت خبر ٻئي يا ٽئين نمبر تي هجڻ گهرجي پر اها ستين يا اٺين نمبر تي هلندي نظر ايندي آهي. خبر ناهي ايوان صدر جي ميڊيا سيل ڪمزور آهي يا ڪنهن هنڌان روڪرائي ويندي آهي. ڇو ته ن ليگ ۽ پ پ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. نديم افضل چن 2 ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، هن ٻڌايو ته ميڊيا هائوسز کي حڪومت طرفان فون ڪري روڪيو ويو هو ته اها پريس ڪانفرنس ناهي هلائڻي پر ڇا صدر سان به ائين ٿي سگهي ٿو؟ اهو سوچي نٿو سگهجي پر ميڊيا اهڙي ڪوريج ناهي ڏئي رهي.