اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) مبشر لقمان جي آن لائن پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن جي صلاحڪار شاهد احمد خان چيو آهي ته آمريڪا قطر سان وڏي بي وفائي ڪئي آهي. قطر تي اسرائيلي حملي دوران آمريڪا جو سڀ کان وڏو فوجي بيس قطر ۾ هجڻ باوجود ڪا به بچاءَ واري ڪارروائي نه ٿي. هن چيو ته دنيا ۾ سڀ کان وڏو آمريڪي بيس قطر ۾ آهي، جتي لڳ ڀڳ 10 هزار آمريڪي اهلڪار موجود آهن، پر هڪ ميزائل به نه هلايو ويو. شاهد احمد خان موجب اها صورتحال نه رڳو قطر لاءِ پر پوري دنيا جي لاءِ خطري جي علامت آهي. هن چيو ته قطر هميشا ٽياڪڙ ۽ امن واري ڪردار لاءِ سڃاتو ويندو رهيو آهي، پر هاڻي ان جو اعتماد عالمي سطح تي شديد متاثر ٿيو آهي. قطر جي سيڪيورٽي ۾ وڏو سوراخ پيدا ٿيو آهي، جيڪو عالمي ڊپلوميسي لاءِ وڏو نقصان آهي. مبشر لقمان سوال اٿاريو ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي وڏي بيس باوجود ڪو به قدم نه کنيو ته ان کي عالمي سطح تي ڪيئن ڀروسو ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻنهي صورتن ۾ آمريڪا غير ذميوار ثابت ٿيو آهي. شاهد احمد خان چيو ته پاڪستان هميشه عالمي سطح تي انصاف ۽ حق جي ڳالهه ڪئي آهي،پنهنجي اصولي موقف تان ناهي هٽندو. هن چيو ته پاڪستان فلسطين جي ڪاز لاءِ بي لوث حمايت ڪندو رهيو آهي، ايران لاءِ به حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستاني قيادت بهادر آهي، اها صحيح ڳالهه تي بي خوف ٿي پوزيشن وٺندي آهي. دنيا ۾ ٿورا ئي اهڙا ملڪ آهن جيڪي اصولي بنيادن تي پنهنجي ڳالھه مڃرائين. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو چريو ماڻهو آهي، جيڪو امن کان ڀڄي رهيو آهي ۽ بار بار حملا ڪندو رهندو. پر هن زور ڏنو ته دنيا ۾ اڄ به پاڪستان جو موقف سڀ کان وڌيڪ عزت جوڳو آهي.