گلگت بلتستان ۾ وڻن جي واڍي، وزير جي گاڏي مان ڪاٺيون هٿ

اسلام آباد (بيورو) قائمه ڪاميٽي اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ وڏي انگ ۾ وڻن جي واڍي جو اعتراف ٿيو، قومي اسيمبلي جي موسميات تبديلي بابت قائمه ڪميٽي اجلاس ۾ اختيارين گلگت بلتستان ۾ ٻيلن ۾ وڻن جي واڍي جو اعتراف ڪيو،  اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته هڪ وزير جي سرڪاري گاڏي مان به ڪٽيل ڪاٺيون هٿ ڪيون ويون، اجلاس منزا حسن جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جتي گلگت بلتستان جي اختيارين ٻڌايو ته علائقي ۾ وڻن جي واڍي جاري آهي ۽ لاڳاپيل وزير پاڻ به ان عمل جو حصو آهن، غيرقانوني واڍي سبب 59 ملازمن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، ڪي پي جي اختيارين ٻڌايو ته  ٻوڏ ۽ برساتن کان پوءِ نئين تحقيق ڪئي پئي وڃي، ڪميٽي ميمبر شائسته خان چيو ته ٽمبر مافيا سرگرم آهي ۽ ٻيلن ۾ باهه تي ضابطو آڻڻ جو ڪو نظام موجود ناهي، ڪاميٽي چيئرپرسن چيو ته پيش ڪيل انگ اکر حيران ڪندڙ آهن، هن سوال ڪيو ته ٽمبر مافيا کي ڪيئن روڪجي ۽ برساتن جي پاڻي جي وهڪري ۾ ٺهيل گهرن بابت ڪهڙا قدم کنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.