حيدرآباد /ٿاڻو بولا خان(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ٿاڻو بولا خان ۾ ٻال پوري آشرم پھتو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس اجرڪن جا تعفا پيش ڪيا ويا.ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته وزير اعظم ۽ صدر ٻڌائين ته پرڏيھه ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن، قونصل جنرلس ۽ اتاشيز ۾ ڪل ڪيترا سنڌي ۽ بلوچ شامل آھن؟هن چيو ته سنڌي ھندن جون نياڻيون اغوا نه ٿين ۽ زوري مذھب نه مٽايو وڃي. سنڌ ۾ اقليتون غير محفوظ ھونديون، پنهنجي وطن ۾ ھندو، ڪرسچن، سک ۽ فارسي غير محفوظ ھوندا ته پاڻ ترقي ڪون ڪري سگھنداسين، پاڻ اھي سنڌي آھيون جيڪي ھوليون، ڏياريون، ڪرسمس ملھائيندا آھيون، پاڻ کي اھو پيغام ڏيڻو آهي سڄي پاڪستان ۽ دنيا کي ته اسان رواداري ۽ برابري ۾ يقين رکون ٿا. اسين پرامن ۽ باوقار تھذيب جا وارث آھيون،هن چيو ته دين ۾ ڪو به جبر ڪونھي. پاڪسان جي آئين ۾ سڀني کي برابري جي بنياد تي پنھنجا حق آھن هن چيو ته سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ قبائليت جا چنبا کوڙيل نه ھجن ھا ته سنڌ ھيئن تباھ ۽ برباد نه ٿئي ھا. سنڌ کي تعليم، ميرٽ روزگار، صحت کپي، پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ پنھنجن وسيلن تي مالڪي جو اختيار گھرجي، درياءَ، سمنڊ، ٻيٽ، ڪاڇو، ڪوھستان، ٿر سميت سڄي سنڌ جي مالڪي گھرجي، قبضاگيري نه کپي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون قبضاگير اسڪيمون نه گھرجن.اياز لطيف پليجي چيو ته جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت نوجوانن جي اميدن جو قتل ڪيو آھي. ڪرپٽ حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي ذھني طور بيوس، لاچار، مايوس ڪري ماري رھي آھي.