جماعت اسلامي پاران بااختيار مڪاني نظام جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين بااختيار مڪاني نظام  جي گھر ڪندي چيو آهي ته گذريل 18 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام کي صرف تباهي ۽ بربادي ڏني آهي. پرڏيھي امداد جي آسري سنڌ کي ٻيهر ٻوڙي ڇڏڻ لاءِ پرڏيهي امداد جي آسري تي ويٺل حڪمرانن کي الله جي پڪڙ کان ڊڄڻ گهرجي.  اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ نظمِ صوبه جي اجلاس دوران خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سياسي، ٻوڏ جي تازه ترين صورتحال سميت تنظيمي ۽ دعوتي معاملن تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ اڳتي جي منصوبابندي به ڪئي وئي.اجلاس ۾ صوبائي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، منعم ظفر خان، حافظ نصرالله چنه، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو ، الطاف احمد ملاح، امداد الله بجاراڻي، سُهيل احمد شارق، مولانا عبدالقدوس احمداڻي،مولاناآفتاب ملڪ ۽ ٻيا ذميوار به شريڪ هئا. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين پاران وفاقي حڪومت کان ٻوڏ متاثرن لاءِ عالمي امداد جي گهر ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، اها ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ نه پر ان جي نالي تي ڪرپشن ۽ لٽ مار جو منصوبو آهي. لڳي ٿو ته حڪومت پ پ چيئرمين جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ کي مڪمل طور تي برباد ڪرڻ تائين آرام سان نه ويهندي. پ پ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺهرائڻ جي دعويٰ نسورو ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي. حڪومت جو ڪم ماڻهن کي پينو فقدير بڻائڻ يا ڌاڙيلن جي حوالي ڪرڻ نه، پر روزگار، امن، صحت ۽ تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون ڏئي کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.