ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزيرِ تعليم ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي جيتعليم جو مطلب رڳو شهر تائين محدود نه آهي، پر ان جو مقصد پوري ملڪ کي تعليم ڏيڻ آهي۔هن زور ڏنو ته دنيا ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي سبب مستقبل تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي، تنهنڪري پاڪستان کي به وقت سان هم آهنگ ٿيڻ گهرجي۔خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان ملتِ اسلاميه لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر افسوس جو ان کي صرف هڪ منڊي بڻائي ڇڏيو ويو آهي۔هن مطالبو ڪيو ته اين ايف سي ايوارڊ کي پي ايف سي سان مشروط ڪرڻ گهرجي، ۽ چيو ته حقيقي جمهوري دور اچڻ ڏنو وڃي، ڇوته هن وقت ملڪ ۾ جاگيرداراڻي جمهوريت آهي۔وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته "ڪراچي پنهنجو حصو پورو ڪري ڏيکاريو آهي، هاڻي ٻين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔”