گڏاپ ويجهو حادثو، 3 ڄڻا فوت

ملير (ڊ ر) گڏاپ سٽي ٿاڻي جي حد ڇوٽا گيٽ پام فارم هائوس ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر، حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ شخص زخمي ٿي پيو، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، پوليس موجب حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل مردن جي سڃاڻپ 17 ورهين جي امير بخش پٽ عالم ۽ 21 ورهين جي عبدالسلام پٽ سکيو جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته فوت ٿي ويل عورت ۽ زخمي شخص جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.