اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ريلوي واري وزير حنيف عباسي ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ڪرائي ڇڏي، گذريل هفتي قومي اسيمبلي ۾ حنيف عباسي، خواجه آصف تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ چيو هو ته جيڪڏهن هو حڪومت جي ڪارڪردگي کان ناخوش آهن ته اپوزيشن جي بينچن تي وڃي ويهن، ان دوران خواجه آصف اعليٰ سرڪاري عملدارن تي به الزام هنيو ته انهن پنهنجا اثاثا يورپ جي ملڪ پرتگال منتقل ڪري شهريت حاصل ڪئي آهي، ذريعن موجب، ڇڪتاڻ جو پسمنظر پنجاب حڪومت جي هڪ آفيسر خلاف ڪارروائي، سينيٽ اليڪشن ۾ پئسي جي اثر ۽ تعميراتي ڪمپنين بابت تنقيد به هئي، جتي خواجه آصف پنهنجي بيانن ۾ سخت موقف رکيو هو، آخرڪار نواز ليگ جي قيادت معاملي کي حل ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي اڳواڻن کي خاموشي اختيار ڪرڻ تي راضي ڪيو ويو آهي.