بدامني خلاف جي يو آءِ پاران ڪنڌڪوٽ کان ”سنڌ امن ڪاروان“ شروع

غوثپور/ڪنڌڪوٽ/شڪارپور (رپورٽ ممتازسنڌي+زاهد سنجراڻي)ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي سميت سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، قبائلي دھشتگردي، ڀتاخوري، ڌاڙيل راڄ خلاف جمعيت علماءِ اسلام پاران سنڌ امن ڪاروان جي ڪنڌڪوٽ مان شروعات جمعيت علماءِ اسلام پاران سنڌ امن ڪاروان جو جلسو گھنٽا گھر چوڪ تي منعقد ڪيو ويو جلسي ۾ ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي جي مختلف شھرن ۽ ٻھراڙي مان جي يو آءِ جي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي جلسي کي خطاب ڪندي صوبائي امير سائين عبدالقيوم ھاليجوي ۽ صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ڪشمور ضلعو ڄڻ سنڌ ۽ پاڪستان جو حصو به نه رھيو آهي انھي ضلعي ۾ صرف ڌاڙيل راڄ ۽ لاقانونيت قائم ٿيل آهي جڏھن چاھين ڪچي ۽ پڪي جا ڌاڙيل غريب عوام کان ڦري رھيا آهن ڪير به انھن کان پڇڻ لاءِ تيار نه آهي گذريل ٻن سالن کان ڪچي ۾ آپريشن جي نالي تي 2 ارب روپيا خرچ ڏيکاريو ويو آهي ڌاڙيلن جو خاتمو نه پر ڌاڙيل اڃان مضبوط ٿيا آهن ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي جا روڊ ۽ رستا عوام جي سفر لاءِ غير محفوظ بڻيل آهن جتي ڌاڙيل ٽولن جي صورت ۾ اچي ڪري مسافرن کي ڦري لٽي ۽ قتل به ڪري رھيا آهن پر پوليس ۽ حڪمران مڪمل بيوس ۽ ناڪام نظر اچي رھيا آهن،هنن چيو ته  امن امان خراب ٿيڻ ۾ اھم ڪردار قبائلي تڪرارن جو آھي قبائلي تڪرارن ۾ جڪڙيل ڌرين ھٿياربند ٿي ڪري پنھنجا علائقا ٻين لاءِ نوگو ايريا بڻائي ڇڏيا آهن اھي ڌريون قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ تيار آهن پر ھنن ڌرين جا سردار، ڀوتار، وڏيرا ٺاهه ڪرائڻ لاءِ ٽائيم ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهن،هنن چيو ته  اڪثر سردارن ۽ وڏيرن جو تعلق حڪمران جماعت پيپلز پارٽي سان آهن جيڪي نه ٿا چاھين ته سنڌ ترقي ڪري جديد ھٿيار ڪچي ۾ ڪٿان ۽ ڪيئن پھچي ٿو سڀ وس وارن کي خبر آهي ته ھٿيار ڏيئي ڏوھارين کي ڪير طاقتور بڻائي رھيو آهي؟ سنڌ ۾ امن لاءِ اسين ٻه ڀيرا امن جرڳا گھرايا آهن پر پي پي سرڪار جا ڀوتار ۽ وڏيرا شامل نه ٿيا ھي سنڌ امن ڪاروان سنڌ جي مختلف شھرن کان ٿيندي 18 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ داخل ٿيندو جنھن جي اڳواڻي جي يو آءِ سربراھه مولانا فضل الرحمان ڪندو اسين امن لاءِ ھر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون،هنن چيوته  امن بحالي لاءِ وزيراعليٰ ھائوس جو گھيراءُ ڪنداسين اسان جو مطالبو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، ڀتاخوري ۽ قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ فوجي آپريشن ڪيو وڃي انھي موقعي ضلعي امير مولانا شمس الدين ڀيري، ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا جمال الدين اوڳاھي، صوبائي اڳواڻ مولانا سميع الحق، ڊاڪٽر عبدالغني انصاري، سيد يعقوب شاهه ، مولانا عبد العزيز سميجو، مولانا خان محمد ملڪ، ضلعي ترجمان حافظ عرفان اللّٰه کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو،هوڏانهن علامه  راشد محمود سومرو جي قيادت ۾ ڪشمور کان شڪارپور  پھتو  وک وک تي قافلي مٿان ماڻھن پاران گلن جي ورکا ڪئي وئي جھاز چوڪ تي جلسي کي خطاب ڪندي  راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ جي امن خاطر نڪتا آھيون اسان جي احتجاجن جو نوٽيس نه ورتو ويو ته  پنھنجن ٻچن ۽ انھن جي تحفظ لاءِ   حڪمرانن جي ڳچي ۾  اسان جا ھٿ ھوندا ھاڻي بنگلن آفيسن جو گھيراءُ ڪنداسين ،هن چيو ته اسان جو پر امن آواز نه ٻڌو ويو ته بنگلا ديش جي حڪمرانن وانگر سنڌ جو عوام سنڌ جي حڪمرانن جو به اھڙو ئي حشر ڪندو انھن جي ڳچي کان پڪڙي حساب ڪتاب ڪنداسين ڪراچي ۾ قافلي جي قيادت مولانا فضل الرحمان پاڻ ڪندو ھن چيو ته سنڌ جا وسيلا معدنيات جزيرا ۽ درياھ کپائيندڙ به ڌاڙيل آھن ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي تي سنڌ حڪومت جي خزاني مان ٻه ارب رپيا جاري ڪيا ويا جيڪي جعلي مينڊيٽ تي کٽي آيل ايم اين ايز ايم پي ايز  تي خرچ ٿيا انھن جي گاڏين ۽ بنگلن ۾ اضافو ٿيو ماڻھو اڄ به ڪشمور ڪنڌڪوٽ تنگواڻي شڪارپور  ۾ رات ته ٺھيو ڏينھن جو به سفر نٿا ڪري سگھن،هن چيو ته  عيد جي ڏينھن  بهڪنڌڪوٽ جي علاقن ۾ ماڻھن کي عيد جي نماز پڙھڻ بعد ڦريو ويو  ڏھ ڏھ ڦر ڌاڙن جون وارداتون رپورٽ ٿيون آھن رينجرس ۽ پوليس جو آپريشن ناڪام ويو سنڌ حڪومت امن جي نالي تي ھڪڙي سال ۾ عوام جي ٽيڪس جو پيسو اربين روپيا ضايع ڪيو جعلي مئينڊيٽ تي آيل حڪمران ھٿ سان ڌاڙيل پاليا آھن،هن چيو ته  آءُ سنڌ جي ماروئڙن لاءِ ڪراچي  وزيراعليٰ هائوس وڃان اسان ڌاڙيلن کي اپيلون ڪيون ته خدا جي واسطي ماڻھن کي ايذاءُ نهڏيو توھان کي به مرڻو آھي جلسي کي مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، ،مولانا سيد سراج احمد شاھ امروٽي، مولانا عبدﷲ مھر، مولانا محمد طيب ميکو، حافظ رفيق احمد شر،۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.