نيويارڪ(م ڊ) بين الاقوامي مالي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ سيلاب سبب ٿيل انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي پاڪستاني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جي نمائندي ماهر بينيجي چيو آهي ته پاڪستان ۾ چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي، ۽ صورتحال مسلسل تبديل ٿي رهي آهي. ماهر بينيجي چيو ته ” واڌ ڪيل فنڊ سهولت” جو مشن اهو جائزو وٺندو ته ڇا پاڪستان جون مالي پاليسيون ۽ هنگامي حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدم هن بحران سان مؤثر نموني منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا يا نه. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايف ايف ۽ آر ايس ايف جهڙيون سهولتون ملڪ جي ٻاهرين ۽ مالي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف، خزاني واري وزارت کي هدايت ڪئي هئي ته سيلاب متاثر علائقن ۾ بجلي جي بلن ۾ رعايت لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو وڃي.