موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي تحت ضروري قدم کنيا ويندا: محمد اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير  محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو آهي، ۽ ان ايمرجنسي جي تحت جيڪي قدم کڻڻا پيا، اهي ضرور کنيا ويندا. ڪماليا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته  آبادگارن، هارين جي ٿيل نقصان جو اندازو لڳائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اسان حقيقتن تي ٻڌل ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، هن وقت سڀ کان اهم ڳالهه متاثر ماڻهن جي مدد  آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي نقصان جو صحيح جائزو وٺڻ لاءِ سروي ڪري رهيا آهيون.وزيراعظم ۽ آرمي چيف  به دورا ڪري رهيا آهن.هن چيو ته  ملڪ جي معيشت بهتري طرف وڃي رهي آهي. عالمي مارڪيٽن ۾ ٻارڻ (فيول) جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، تنهن ڪري عالمي مهانگائي جو دٻاءُ ناهي. حڪومت اهي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هٿرادو مهانگائي پيدا نه ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.