ٽنڊو آدم (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ضلعي صدر عطا الله انڙ، راڻو ڪنڊاڻي، عقيل ماڪوڙاڻي ۽ عالم لغاري ٽنڊو آدم پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سميت مظلوم قومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏني وئي آهي. ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي منظم ڪيو ويو آهي ۽ گورنر هائوس کي نائين زيرو وانگر ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي هيڊ آفيس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. گورنر جا تعصبي بيان رياست لاءِ خطرو آهن، بلديا فيڪٽري ۾ سوين مزدورن کي جيئرو ساڙيندڙ دهشتگردن کي حڪومت ۾ آندو ويو آهي، گورنر ڪامران ٽسوري بلديا فيڪٽري جي دهشتگردن جو ساٿاري آهي کيس فوري طور هٽايو وڃي، اڳواڻن چيو ته سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ ستاويهن ترميم آندي پئي وڃي. بلاول زرداري ٻوڏ متاثرن لاءِ ملندڙ عالمي امداد مان حصو وٺڻ لاءِ سرگرم آهي، پر سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ حملن خلاف هڪ لفظ به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن جو حصو گهٽائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اين ايف سي ڪميشن مان قيصر بنگالي جهڙن اڻ ڌرين معاشي ماهرن کي نيڪالي ڏئي اسٽيبلشمينٽ نواز معاشي ماهر رکيا ويا آهن، وفاقي معاشي ڪميٽي ۾ به ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد ڀرتي ڪيا ويا آهن جيڪي معيشيت کي بهتر بڻائڻ بدران نون صوبن جا ملڪ دشمن منصوبا جوڙي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ ۾ نون صوبن جو راڳ آلاپيندڙ دهشتگردن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو آبادي بدران روينيو جي بنياد تي ڪيو وڃي، جيڪو صوبو وڌيڪ روينيو ڏئي ان کي اين ايف سي ۾ وڌيڪ حصو ڏنو وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جا وزير مشير ۽ صلاحڪار ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ مھم ھلائي رھيا آھن، جمھوريت جي نالي ۾ ملڪ مٿان بدترين آمريت مڙھي وئي آھي. وفاقي حڪومت ڪراچي کي وفاق حوالي ڪري نئون اسرائيل ٺاھڻ چاھي ٿي، حڪمرانن ملڪ کي آمريڪي سامراج، آئي ايم ايف جھڙن سامراجي ادارن کي ڏئي ڇڏيو آھي. ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني بدران لاقانونيت، بدامني، دھشتگردي ۽ انتھا پسندي کي ھٿي وٺرائي پئي وڃي. سانگھڙ ضلعو معدني وسيلن سان مالا مال آھي پر سنڌي نوجوانن لاءِ دروازا بند ڪيا ويا آھن.