ڄامشورو: عورت استاد جي بنگلي تي قبضي خلاف پوليس ڪارروائي، ايس يو پي اڳواڻ گرفتار، آزاد

ڄامشورو (رپورٽ : صدر الدين جوڻيجو) ڄامشوري ۾ لمس يونيورسٽي جي عورت استاد جي سرڪاري بنگلي تي مبينا قبضي خلاف پوليس ڪارروائي ڪندي ضلعي ڪائونسل ميمبر ۽ ايس يو پي اڳواڻ کي گرفتار ڪري ورتو. احتجاجي مظاهري بعد کيس آزاد ڪيو ويو، لمس جي عورت پروفيسر ڊاڪٽر سلمٰيٰ ميمڻ جي نالي تي الاٽ ٿيل سرڪاري بنگلي تي مبينا قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ ڄامشورو پوليس ۽ سيڪيورٽي گارڊ لمس ڪالوني پهتا ته ضلعي ڪائونسل جو ميمبر شاهنواز برفت به اتي پهتو ۽ پوليس اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي گارڊن کي ڪارروائي ڪرڻ کان روڪيو جنهن تي پوليس شاهنواز برفت کي گرفتار ڪري ڄامشورو جي بي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، شاهنواز برفت جي گرفتاري بعد ايس يو پي اڳواڻن ياسمين ٿيٻو، باغي جي ايم شورو ، سالار ڀلائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لمس يونيورسٽي جي سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو پڻ هنيو ويو، احتجاجي ڌرڻي بعد شاهنواز برفت کي آزاد ڪيو ويو، ايس يو پي اڳواڻ شاهنواز برفت جو چوڻ هو ته وي سي لمس ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ من پسنديءَ جي بنيادن تي لمس ڪالوني ۾ ڪوارٽر ۽ بنگلا الاٽ ۽ ڪينسل ڪري رهيو آهي، ھو ذاتي انا جي بنيادن ايس يو پي جي ووٽرن مرحوم ڊاڪٽر شفقت ميمڻ جو بنگلو ڪينسل ڪري ان جي فيملي کي دربدر ڪرڻ چاهي ٿو، پوليس وي سي لمس ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي ونگار وهندي گرفتار ڪري منهنجي تذليل ڪئي آهي جنهن خلاف آئون ڪورٽ ۾ ويندس، لمس ٽيچرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو آهي ته عورت پروفيسر جي سرڪاري رهائشگاهه تي سياسي اثر رسوخ ذريعي قبضي واري عمل يونيورسٽي جي تقدس ۽ علمي ماحول تي سڌو حملو آهي، قبضي هيٺ آيل بنگلي کي فوري طور خالي ڪرائي پروفيسر ڊاڪٽر سلمٰيٰ ميمڻ ۽ سندس خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.