ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گهٽ عمر جي ٻارڙين سان زيادتي جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار شبير احمد خلاف وڌيڪ 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 3 ڏينهن اڳ قيوم آباد مان ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن خلاف هاڻي ڪيسن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو ، پوليس موجب، جوابدار خلاف وڌيڪ 3 نوانڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته کيس 10 سيپٽمبر تي علائقي وارن هٿ ڪيو ۽ پوليس حوالي ڪيو، ايس ايس پي ڏکڻ موجب، جوابدار 2016 کان ننڍڙين ٻارڙين کي پئسن جي لالچ ڏئي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي. جوابدار جي موبائل فون مان ٻارن سان زيادتي جون 100 کان وڌيڪ وڊيوز به هٿ ڪيون ويون آهن.