چينگ ڊو (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چين جي سرڪاري دوري تي چينگ ڊو پهچي ويو، جتي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ ۽ سيچوان جي نائب گورنر هوانگ ريشيا سندس آجيان ڪئي. ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان موجب،پاڪستاني سفير خالد هاشمي ۽ چيني سفير جيانگ زي ڊونگ به موقعي تي موجود هئا،ان دوري لاءِ چيني سفير به خاص طور چينگ ڊو پهتو.ايوان صدر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مقرر ٿيل چيني سفير صدر جي دوري دوران ساڻس گڏ هوندو. چين جي دوري دوران صدر آصف علي زرداري چيني قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو، جن ۾ پاڪ–چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت ڳالهيون ٿينديون. آصف علي زرداري چين سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا موقعا ڳوليندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ دوران صدر زرداري جي چين جي دوري تي ردعمل ڏيندي چيو ته صدر جو چين جو موجوده دورو هنگامي نه، پر اڳواٽ شيڊيول ڪيل هو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن صدر جي دوري جي حوالي سان ڪجهه وقت اڳ ئي سڀ ضروري قدم کڻي ڇڏيا هئا.