اسلام آباد (امداد سومرو) صدر آصف علي زرداري سرڪاري دعوت تي چين جي 10 ڏينهن واري دوري لاءِ روانو ٿيو آهي. هو چنگدو، شنگھائي ۽ سنڪيانگ جي صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. دوري دوران سي پيڪ، اقتصادي سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري تي ڳالهيون ٿينديون پر هن دوري جي اهميت ان ڪري وڌيڪ وڌي وئي آهي جو ان کي آمريڪا سان پاڪستان جي وڌندڙ رابطن سان ڳنڍي ڏٺو پيو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ فیلڊ مارشل عاصم منير صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ آمريڪي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ آمريڪي ڪاروباري وفد پاڪستان ۾ معاهدا ڪري چڪو آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته پاڪستان چين سان گڏ اڳتي وڌندو يا آمريڪا سان، يا ٻنهي سان گڏ توازن رکندو؟ ماضيءَ ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گهڻو ڪري آمريڪي دٻاءَ هيٺ رهي آهي، جنهن سبب چين سان لاڳاپن ۾ به ڇڪتاڻ اچي ٿي. آمريڪا چاهيندو آهي ته چين سان پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ گهاٽا نه ٿين. صدر آصف علي زرداري اڳ به صدر ٿيڻ دوران چين سان گهاٽا لاڳاپا وڌايا هئا ۽ سي پيڪ جو بنياد رکيو هو، نواز شريف ان کي اڳتي وڌايو، عمران خان جي دور ۾ آمريڪا جي دٻاءَ ۾ سي پيڪ جي رفتار سست ڪئي وئي. هاڻي سي پيڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سياسي قيادت مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. تازو وزيراعظم ايس سي او ڪانفرنس ۾ شنگهائي ويو هو، جتي هن سيڙپڪارن سان معاهدا ڪيا. هاڻوڪو دورو صدر آصف علي زرداري جو هڪ سال ۾ ٻيو وڏو چين جو دورو آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته حڪومت چين سان معاشي ۽ سيڙپڪاري جي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿي، صدر جو دورو چين کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ آهي. ڏسجي ته آمريڪا ۽ چين ٻئي پاڪستان سان گڏوگڏ هلي رهيا آهن پر خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته سياسي قيادت جون سڀ ڪوششون ماضي جيان رهجي نه وڃن انهن تي پاڻي نه هارجي وڃي ۽ اسان چين بدران آمريڪا سان ويهي رهون. ڇو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي اسٽيبلشمينٽ اثرانداز ٿيندي آهي. صدر آصف علي زرداري جي تجربي تي هلجي ته چين سان معاملا ڪجهه ڏينهن ۾ بهتر ٿيڻ گهرجن، تيزي سان سيڙپڪاري ٿيڻ گهرجي. ظاهري طور ائين لڳي ٿو ته مقابلو هلي رهيو آهي ته سويلين قيادت ڪجهه چاهي ٿي ۽ اسٽيبلشمينٽ جو طاقتور حصو آمريڪا سان رهڻ چاهي ٿو. ٻئي ملڪ پاڪستان سان لاڳاپا وڌائن ٿا ته اهو به سونهري موقعو آهي. چين کي مسئلو ناهي پر آمريڪا کي مسئلو ٿي سگهي ٿو پر هاڻي دنيا تبديل ٿي وئي آهي، اميد آهي ته ائين نه ٿيندو.
You might also like