اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم شهري جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج ريمارڪس ڏنا ته اها عجيب ڳالهه آهي! جن گم ماڻهن کي حڪومت دهشتگرد چوندي رهي، هاڻي انهن کي ئي پيسا ڏئي رهي آهي، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته گم شهري عمر عبدالله جي وارثن کي امدادي رقم جو چيڪ جاري ڪيو وڃي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم شهري عمر عبدالله جي بازيابي واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن متاثر فيملي کي چيڪ جاري نه ٿيو ته ايڊشنل سيڪريٽري داخلا 26 سيپٽمبر تي پيش ٿئي، جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت وٽ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي ادائيگي ڪرڻ لاءِ ايتري بجيٽ آهي؟ ڇا آءِ ايم ايف سان گڏجي ادائيگيون ڪيون وينديون؟ جن ماڻهن کي اڳ دهشتگرد چيو ويندو هو، هاڻي انهن کي پيسا ڏنا پيا وڃن، اها ڪيتري عجيب ڳالهه آهي ته جن کي سزا ڏيڻ گهرجي ها، انهن کي بچائڻ لاءِ اسان کي پيسا ڏيڻا پوندا! هي ته رڳو ٽيسٽ ڪيس ڏسون پيا، اڃا ته خبر ناهي ڪيترا ڪيسز هوندا، گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ هن هاءِ ڪورٽ جو لارجر بئنچ هو، اهو به ٽٽي ويو، اسان جي ڪورٽ ايتري ڊڄي ٿي جو ٻيهر لارجر بئنچ ئي ناهي ٺاهيو، نتيجي ۾ مسنگ پرسنز مسنگ ئي رهندا، هنن چيو ته عدالتون ته وزارتِ دفاع سان مليل Hands in Gloves آھن، اهي ڪيترو ڊڄن ٿا جو ڪيس عدالت ۾ ايندو ته وزارتِ دفاع کي جوابده ٿيڻُو پوندو، لاپتا شهري جي والد عدالت جي سوال تي ٻڌايو ته هنن کي اڃا تائين حڪومت طرفان امدادي رقم ادا نه ڪئي وئي آهي، لاپتا ماڻهن جي ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته جبري گمشدگيءَ وارن فردن جي وارثن کي ادائيگي لاءِ ڪابينا هڪ خاص ڪميٽي جوڙي آهي، جسٽس محسن اختر چيو ته جبري گمشدگيءَ وارن ماڻهن جي انڪوائري ڪميشن ڪا حيثيت نٿي رکي، هن عدالت ۾ امدادي رقم جي ادائيگي بابت بيان کي ٻه مهينا گذري چڪا آهن، وزارتِ دفاع جي نمائندي چيو ته اسان ڪيس کي فائنل ڪري وزارتِ داخلا ڏانهن موڪليو هو، ادائيگي انهن کي ڪرڻي آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته اڌ پاڪستان اڄ ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، رياست جن ماڻهن کي دهشتگرد چوندي رهي، هاڻي انهن کي ادائيگيون ڪيون وينديون، مسنگ پرسنز کي پيش ڪرڻ بدران ڪروڙين رپيا ڏنا وڃن، جن کي دهشتگرد چيو پئي ويو، انهن کي گرفتار ڪري ٽرائل ڪيو وڃي ها ۽ سزاِ موت ڏني وڃي ها.