ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي مبينا فائرنگ ۾ ٻارڙو مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر)  ڪراچي جي علائقي منگهوپير ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي گارڊ جي مبينا فائرنگ سان 5 ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو، منگهوپير پوليس جي ايس ايڇ او محمد زبير نواز موجب شام جو لڳ ڀڳ 4:20 وڳي ايان وحيد نواز ملڪ نالي ٻارڙو چانڊيو ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر ٻاهران راند ڪري رهيو هو ته اوچتو سندس سيني ۾ گولي لڳي ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، پوليس جي شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو ته سرڪاري واٽر هائيڊرنٽ جي سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ سبب ٻار جو موت ٿيو، پوليس الزام هيٺ آيل شاهه زور نالي گارڊ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان رائيفل هٿ ڪري ورتي، جوابدار ٻڌايو ته هن علائقي ۾ فائرنگ جو آواز ٻڌو ۽ جواب ۾ هڪ فائر ڪيو، ايس ايس پي اولهه طارق الاهي مستوي موجب هٿ آيل رائيفل کي فرانزڪ سائنس ليب موڪليو ويو آهي ته جيئن جاچ ٿي سگهي ته ٻارڙي کي لڳل گولي ساڳئي هٿيار مان هلائي وئي هئي يا نه، سندس چوڻ هو ته شروعاتي جاچ ۽ رهواسين جي فراهم ڪيل معلومات جي بنياد تي گارڊ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ٻارڙي جي ميڊيڪل رپورٽ ۽ جامع جاچ بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته گارڊ کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.